پرويز سجاد حيدر

پرويز سجاد حيدر: سرائيڪي شاعر پرويز سجاد حيدر ولد غلام حيدر خان چغتائي، 28 آگسٽ 1961ع تي ٿاڻي دارا همه ديري غازي خان ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم. اي، ايم. فل (اردو)، ايم. اي (پنجابي)، ايم. اي (سرائيڪي)، ايل. ايل. بي، ڊي. بي. ايم، ڊي. بي. آءِ آهي. هي تعليم کاتي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي. کيس ”مسعود کدرپوش اوارڊ“، ”سانول سنگت اوارڊ“، ”فريد اوارڊ“ ۽ ”صدارتي اوارڊ“ مليل آهن. سندس ادبي حيثيت افساني نگار، ناول نگار ۽ مترجم جي آهي. هن جي ادبي، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتابن ۾: (1) ”سوجھلا اندهـاري رات دا“ (1980ع)، (2) ”سرائيڪـي ادبـي تـاريـخ“ (1984ع)، (3) ”سرائيڪي ادب دي تيرهن سال“ (1984ع)، (4) ”عشق دي وڻج انوکڙي“ (1985ع)، (5) ”سوچان دي ديوي“ (1985ع)، (6) ”نواب محمد خان لغاري“ (1985ع)، (7) ”ويندئين وگري“ (1986ع)، (8) ”سرائيڪي ادب دي مختصر تاريخ“ (1986ع)، (9) ”مدني مٺا منٺار“ (1987ع)، (10) ”ميڏي افساني“ (1988ع)، (11) ”ضلع مظفر ڳڙهه تاريخ، ثقافت تي ادب“ (1989ع)، (12) سرائيڪي معلمه (1992ع)، (13) ”هڪ افسانان ست زبانان“ (1992ع)، (14) ”سندهه دي وادي“ (1993ع) ۽ (15) ”ڊائريڪٽري سرائيڪي مصنفين“ (1993ع) ڇپيل آهن. پاڻ هن وقت نيو ملتان ۾ رهي ٿو.


لفظ پرويز سجاد حيدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو